عقد

عقد: عقد جي لغوي معنيٰ آهي “ڳنڍ، ڳانڍاپو، لاڳاپو، ٻنڌڻ، نڪاح، ٻول” وغيره. هي شاديءَ جي اصطلاح طور به ڪم اچي. جنهن کي ڳنڍجڻ لاءِ قول ڪرڻ پڻ چئبو آهي. اهو شعر جنهن ۾ قرآن مجيد جي آيت يا حديث يا ڪنهن جي مشهور قول جو ٽڪرو نظم ڪيل هجي، پر اهو ضروري آهي ته اهو ٽڪرو انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندو هجي ته هي قرآن جي ڪنهن آيت يا حديث يا وري ڪنهن جي مشهور قول جو ٽڪروآهي.


لفظ عقدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو