دٻـي-3 تان مليل ٺڪراٺو

دٻـي-3 تان مليل ٺڪراٺو

دٻي-3

دٻـي-3 (مـاڳ): هـيءُ اوائلـي پـٿـر جـي دؤر جـو صنعتـي مـاڳ ضلـعـي خيرپورميرس جي تعلقي ميرواهه ۾ اڇڙي ٿر جي حدن ۾، دٻي ڍنڍ جي ڀر ۾ 27 08' 25'' اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽33 68' 40'' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هيءُ ماڳ سنڌو تهذيب جو چيو وڃي ٿو. ڊرٻ جي چوٽيءَ تي واقع هن ماڳ تان ڇڊو، ٽڙيل پکڙيل ٺڪراٺو ملي ٿو. هتان ملندڙ وٿن ۾ پٿر جا اوزار، ڪوڏن جا مڻڪا، ٽن ڌار ڌار قسمن جو ٺڪراٺو وغيره شامل آهن. هتان ملندڙ ٺڪراٺي جا نمونا مختلف آهن. هڪ قسم جو ٺڪر سادو، ٺپيل ۽ چٽيل نموني جو ٻيو مَهندسي چِٽ نڪتل، پور وڇوٽ ليڪن، ٽٻڪڙن ۽ مختلف قسمن جي گلن وارو، جڏهن ته ٽيون سمورو ڪارين ليڪن سان ڳاڙهي اوڄ تي چٽيل ٺڪراٺو ملي ٿو. هنن مان ٺپيل ٺڪراٺي تي سج ڪرڻن سان ڏيکاريو ويو آهي. ٻين قسمن جو ٺڪراٺو به علامتي چٽن وارو معلوم ٿئي ٿو. هتي تلمبا جي اوائلي ماڳ وارو ٺڪر به ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو