رائتو

رائتو

رائتو

رائتو (چٽڻي): رائتو ڌونئري، اڇي جيري، ڪارن مرچن، ساون مرچن، ڦودني ۽ ساون ڌاڻن سان ٺهندو آهي. هن کي خاص طور برياني، پلاءَ وغيره سان استعمال ڪبو آهي، پر ان کانسواءِ ڀاڄي ۽ مانيءَ سان به مهمانن جي اڳيان پيش ڪبو آهي. رائتو خاص طور دستر خوان جو شان سمجھيو ويندو آهي. رائتي کي بصر، ٽماٽا، وجھي به ٺاهبو آهي ته لوڻ، ڪارا مرچ، اڇو جيرو وجھي به ٺاهبو آهي، جڏهن ته واڱڻ به رائتي ۾ وجھبا آهن، جنهن کي ’واڱڻن جو رائتو‘ چئبو آهي، جنهن مٿان گيهه جو داغ ڏنو ويندو آهي. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب رائتو، گيهه جو داغ ڏئي ٺاهيل ڪڙهيءَ کي چئبو آهي.


لفظ رائتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو