رانجهڻ

رانجهڻ: لاک جو هڪ قسم، چپڙو ۽ لاک هڪ جيترا، گڏي ڪاڙهبا آهن، ته ان مان زردي رنگ جو مادو ٺهي پوندو آهي، جنهن کي رانجهڻ سڏيندا آهن. رانجهڻ چپڙي سان ملائي ڪم آندو ويندو آهي. ڪڙين جي چپڙن ۾ رانجهڻ وڌو ويندو آهي. چپڙي کي ڌار ڪم آڻبو ته ان کي هڪدم باهه لڳي ويندي. اڳي ڇَٽَ وارين مُنڊين ۾ رانجهڻ لڳائي، مٿان جڙاءُ لڳائيندا هئا. جڙاءَ واري ڪم ۾ ڄُوَ ڪارائتي ٿيندي آهي. جيڪڏهن جڙاءَ واري زيور کي ڌڪ به لڳي ويندو آهي ته زيور جي جڙاءَ کي ڪو ڇيهو نه رسندو آهي. اهو رڳو ڄُوَ جي گڏ هئڻ سان ٿيندو آهي، پر رانجهڻ اهڙو ٺوس مادو آهي، جيڪو ڌڪ سان زيور جو جڙاءَ جدا ٿيو وڃي، اهو سبب آهي، جو ڇَٽ نازڪ ڪم آهي، پر سونارا تڪڙي اُڪلاءُ لاءِ رانجهڻ وجهي ڪندا آهن.


لفظ رانجهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو