راڳيسري

راڳيسري: هي کماچ ٺاٺ جي کاڍو راڳڻي آهي. هن راڳڻيءَ ۾ پنچم ورج آهي. ان جي آروهيءَ ۾ رکب ورج ۽ امروهيءَ ۾ ڌيوت وڪر ٿيندو آهي. هيءَ راڳڻي گنڌار تيور جي ڪري ڀاگيسريءَ کان الڳ نوع جي آهي. هن راڳڻيءَ جي امروهيءَ جي خاص تان: سا ري سي نا ڌي نا سا ما ما گي ماڌي ماگي ماگي ري سا آهي. هن راڳڻيءَ جي آروهي: سا ري سا گي ما ڌي ني سا آهي. هن راڳڻيءَ جو وادي سر نکاد ۽ سموادي سر مڌم آهي. هيءَ راڳڻي گهڻو ڪري اڌ رات جو ڳائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو