ردي

ردي

ردي

ردي (ڪتاب): هي ڪهاڻين جو مجموعو مشهور اديب ڄيٺي لعلواڻيءَ جو آهي، جنهن جو مهاڳ نامور نقاد هيري ٺڪر لکيو آهي. جڏهن ته سندس تعارف ڪيرت مهر چنداڻيءَ لکيو آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب تي ڀڳوانداس دولتاڻي ’هوش‘، ليلارام رُچنداڻي ۽ ٽهلرام آزاد جا تاثر به موجود آهن. ڪتاب ۾ 13 ڪهاڻيون: سرحد تي، سنڌڻ، ڪانڌي، مڪتي، ممتا جو سلسلو، هڪ ٻي لڏپلاڻ، ٽڪيٽ، دونهاٽيل خوشي، سفر، چبوترو، ردي، سنڌي ماتا، اٽڪيل ساهه وغيره شامل آهن. 80 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.
هي ڪتاب، اسٽيج پبليڪيشن احمدآباد 2000ع ۾ شايع ڪيو آهي.


لفظ رديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو