ديڳچون

ديڳچون: ديڳچون کي عربيءَ ۾ توبال النحاس، فارسيءَ ۾ ثفال مس ۽ انگريزيءَ ۾ ڪاپر فلنگس Copper filings چيو ويندو آهي. هي ٽامي جو چورو آهي، جيڪو ٿانون وغيره ٺاهڻ وقت لاٿو ويندو آهي. رنگ ۾ سرخ، چمڪدار ۽ ذائقي ۾ ڪسارو ٿئي ٿو. ان جو مزاج گرم خشڪ آهي. هي هر قسم جي زخمن، خاص ڪري اکين جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. آلي سڪي خارش هٽائي ٿو. اکين جي ڌنڌ لاءِ سٺو ڪم ڏئي ٿو. ردي مواد کي صاف ڪري ٿو. هي غير مدبر ڪتب نه آڻڻ گھرجي


لفظ ديڳچونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو