رفاعيه

رفاعيه: رفاعيه هڪ صوفي سلسلو آهي، جنهن جو باني عراق جو رهاڪو احمد الرفاعي (1187ع) هو. هي سلسلو قادري طريقت جي هڪ شاخ چيو وڃي ٿو. هن طريقت جي صوفين کي اوڀر ۾ Howling درويشن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن طريقت سان واسطيدار اڪثر ماڻهو مصر، شام ۽ ترڪيءَ ۾ رهن ٿا. 1925ع ۾ رفاعيه کي غير اسلامي طريقت قرار ڏنو ويو هو. هن طريقت ۾ فقيري، پرهيزگاري، نفس پرستيءَ کان پرهيز جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ هن طريقت ۾ ذڪر جو هڪ الڳ نمونو پڻ هوندو آهي. هن طريقت جي ذڪر ۾ ٻانهن تي ٻانهن رکي، هڪ گول ڦيري ۾ ذڪر ڪرڻ ۽ وجد واري ڪيفيت طاري ٿيڻ تائين گول ڦرڻ شامل هوندو آهي. جنهن بابت محققن جو چوڻ آهي ته هي صوفي طريقو، ٻين صوفي طريقن جو نقل آهي. جيئن سعديه يا جباريه طريقو وغيره. رفاعيه طريقت جا ماڻهو تمام گھٽ تعداد ۾ ملن ٿا.


لفظ رفاعيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو