عراق

عراق

عراق

عراق (Iraq): هن ملڪ جو سرڪاري نالو الجمهوريه العراقيه (Republic of Iraq) ۽ پراڻو نالو ميسوپوٽيميا آهي. عراق جي معنيٰ آهي: ‘ٻن درياهن جي وچ واري جاءِ’، ڇو ته اهو دجله ۽ فرات درياهَن جي وچ تي آهي. هي ڏکڻ اولهه ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ ترڪي، اوڀر ۾ ايران، ڏکڻ اوڀر ۾ فارس نار، ڏکڻ ۾ ڪويت ۽ سعودي عرب، اولهه ۾ اردن ۽ شام آهن. عراق ايشيا جي ڏکڻ اولهه ۾ ۽ عرب خطي جي اتر اوڀر ۾ هڪ مکيه عرب ملڪ آهي. جاگرافيائي نقطه نظر کان عراق پنهنجي هاڻوڪي حيثيت ۾ دنيا جي نقشي تي ان پل جي حيثيت رکي ٿو، جيڪا ٽن کنڊن ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کي هڪٻئي سان ملائي ٿي. عراق جي ڪل پکيڙ 434925 چورس ڪلوميٽر (167881 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 31 لک 51 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ بغداد (Baghdad) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ جيل زاغروس (بلندي: 3610 ميٽر) آهي.
عراق جي سرڪاري ٻولي عربي آهي. جڏهن ته ڪردش ۽ ترڪماني پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. عراق جي موسم گھڻي ڀاڱي گرم ۽ گھميل هوندي آهي. گرمين ۾ گرم خشڪ هوائون لڳنديون آهن.
عراق جي مکيه زرعي پيداوار کجور، ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، انجير، انگور، ٽماٽا ۽ ڀاڄيون آهن. مکيه صنعتن ۾ آئل ريفائنري، اوني ڪپڙو، سيمنٽ، هٿيار، بارود، چمڙي جون شيون، صابڻ ۽ ڪيميائي شين جون صنعتون شامل آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ پيٽرول، گيس، جپسم، فاسفيٽ، لوڻ ۽ سلفر آهي. عراق دنيا جي قديم ترين ملڪن مان آهي، دنيا جي پهرين يونيورسٽي به عراق ۾ قائم ٿي. پهريون ڀيرو ٽامي جو ٿانو به هتي استعمال ۾ آيو. انجينئرنگ جو پهريون ڍانچو (اسٽرڪچر) ۽ ڊيزائن به هتي ترتيب ڏنو ويو. زراعتي جنتري به پهريون ڀيرو هتي سهيڙي ويئي.
عراق هڪ آزاد ۽ خودمختيار جمهوريه آهي، بلڪه اسلامي جمهوريت تي ٻڌل هڪ اشتراڪي ملڪ آهي. هتي صدارتي طرز جي حڪومت ۽ هڪ جماعتي جمهوريه نظام قائم آهي.
عراق جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 3 آڪٽوبر 1932ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 21 ڊسمبر 1945ع کان آهي.
1980ع ۾ صدر صدام حسين جي دور حڪومت ۾ عراقي فوج پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران تي حملو ڪيو. 8 سالن تائين هلندڙ ان جنگ ۾ تقريبن 10 لک ماڻهو مارجي ويا. ايران سان جنگبنديءَ بعد عراق 1990ع ۾ ڪويت تي عراقي تيل چوري ڪرڻ جو الزام هڻي آگسٽ 1990ع ۾ جنگ شروع ڪئي. ڪويت سان جنگ ڪرڻ جو عمل عراق کي ڪافي مهانگو پيو. عالمي طاقتن عراق سان ساٿ ڏيڻ کان نابري واري. عالمي سياست ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ تبديلين سبب آمريڪا ۽ سندس اتحادين لاءِ خليج ۾ پنهنجي مفاد يعني تيل ۽ اسرائيل جي حفاظت ضروري هئي. ان ڪري آمريڪا 2003ع ۾ عراق تي جنگ مسلط ڪري ڇڏي. آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل حملي ۾ 22 جولاءِ 2003ع تي صدر صدام جا ٻه پٽ مارجي ويا. صدام کي گرفتار ڪري 2006ع ۾ ڦاسي ڏني وئي.


لفظ عراقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو