روڳ

روڳ

روڳ

روڳ (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار عزيز ڪنگراڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ 20 ڪهاڻيون آهن، جن ۾: آءُ آدم آهيان، سوڙهي ڌرتي، پويون پهر، پيار جي خوشبوءِ، ڪارنهن، ڇوٽڪارو، موٽ، ڇانورو، بوند، پهريون سج، سڃاڻپ، زندگي هڪ گيت، ڏيڍ رتي تاريخ، تحفو، سُڪيءَ تي سمونڊ، تلاش، اڪيلائپ جو شهر، اعتراف، ريهرسل ۽ روڳ شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا عزيز ڪنگراڻيءَ پنهنجي امڙ ۽ بابا جي نانءُ ڪئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. ان کان سواءِ هڪ طويل ڪهاڻيءَ جي عنوان سان استاد بخاريءَ جو پيش لفظ ۽ ليکڪ جي تحرير ’پنهنجي ڪٿا‘ عنوان سان به ڏنل آهن. 176 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ روڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو