رڙو

رڙو (مڇي جو قسم): رڙو کڳي مڇيءَ جو قسم آهي. کڳن ۾ رڙو عجيب قسم جو کڳو آهي، جيڪو پنهنجي مخصوص ڏندن سان آواز ڪڍندو آهي، جنهنڪري سندس نالو رڙو پئجي ويو آهي. يعني رڙيون ڪندڙ مڇي يا کڳو. کڳن جو ماس ٻين مڇين جي مقابلي ۾ مضبوط ٿيندو آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو کڳي کي درياهي مڇي به سڏين ٿا. بنا ڇلرن واري مڇيءَ جو هي قسم منڇر ڍنڍ ۾ جام ٿئي ٿو.


لفظ رڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو