زراف

زراف

زراف

زراف Giraffe: ڊگهي ڳچيءَ وارو هڪ پٽاپٽي جانور، جيڪو آفريڪا ۾ گهڻو ملي ٿو. زراف جي نَر جي اوچائي 17 کان 20 فٽ ٿيندي آهي. زراف اڪثر آفريڪا جي ڪن جهنگلن ۾ ملن ٿا. زراف جا ٻه قسم آهن: هڪ قسم کي زراف ۽ ٻئي کي ’اوڪاپي زراف‘ چيو ويندو آهي، جيڪي گهٽ مشهور آهن ۽ 1900ع ڌاري دريافت ٿيا آهن. ’اوڪاپي زراف‘ قد ۾ ننڍو ٿيندو آهي، ٻنهي قسم جي جانورن جون ڳچيون 5 فٽ ڊگهيون ٿينديون آهن، هي وڻن جا پن کائيندو آهي. هن جانور جو اوائلي نسل تقريباً ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ وچ ايشيا ۾ ظاهر ٿيو، پر آفريڪا ۽ اسرائيل مان ملندڙ قديم ترين آثار هن جانور جو نسل 15 لک سال قديم ٻڌائين ٿا. هي جانور اڪثر اوڀر آفريڪا، انگولا ۽ زمبيا ۾ ملي ٿو. ڊگهين ٽنگن باوجود هي جانور طويل سفر نه ڪري سگهندا آهن، زراف تمام وزني زميني جانور تصور ڪيو وڃي ٿو. نر زراف جو وزن 1900 ڪلوگرام، جڏهن ته ماديءَ جو وزن نر جي وزن جي اڌ برابر ٿيندو آهي. زراف مادي
4 سالن جي عمر ۾ ئي ٻچا ڏيڻ شروع ڪري ٿي. ان جي حمل جو عرصو 15 مهينن تي مشتمل هوندو آهي.


لفظ زرافھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو