زمر

زمر (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي 39 هين سورة آهي، جيڪا 8 رڪوعن ۽ 75 آيتن تي مشتمل آهي. هيءَ سورت مبارڪه مڪي ۾ حبش واري هجرت کان اڳ ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دعوت جو اصل مقصد بيان ڪيو ويو آهي ته انسان صرف الله تعاليٰ جي بندگي اختيار ڪري. ان کانسواءِ توحيد جي حقانيت ۽ ان کي نه مڃڻ جي برن نتيجن کي به واضح ڪيو ويو آهي. اهل ايمان کي هدايت ڪيل آهي ته جيڪڏهن الله جي بندگيءَ لاءِ ڪو هنڌ تنگ ٿئي ته وسيع دنيا ۾ ٻئي پاسي ڏانهن لڏي وڃڻ گھرجي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم
کي چيو ويو آهي ته ڪافرن کي واضح طور ٻڌايو ته سندن ظلم ۽ ستم صراطِ مستقيم يعني سڌي رستي تان کين هٽائي نه ٿو سگھي.


لفظ زمرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو