صلوات

صلوات: دراصل صلوات عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ صلوة لفظ جو جمع آهي. صلوات لفظ مان مراد حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي آل تي درود پڙهي رحمتون ۽ برڪتون موڪلڻ آهي. صلوات کي درود پڻ سڏيو وڃي ٿو. صلوات جيڪڏهن الله تعاليٰ طرفان آهي ته ان جي معنيٰ رحمت ۽ برڪت ٿيندي، جيڪڏهن ملائڪن طرفان آهي ته ان جو مطلب استغفار ٿيندو، جيڪڏهن مومنن طرفان هوندي ته ان صلوات جي معنيٰ دعا ۽ سلام آهي، ۽ جيڪڏهن ٻين مخلوقاتن طرفان آهي ته اهو تسبيح ۽ حمد ۾ شمار ٿيندو. صلوات لفظ جي صحيح معنيٰ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي درود ۽ سلام پڙهڻ جي آهي. سڀ کان پهرين صلوات خداوند عالم پنهنجي پياري حبيب حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي موڪلي، جنهن جو ثبوت قرآن پاڪ جي هيءَ آيت آهي:
إِنَّ اللَّهَ وَمَلَائِكَتَهُ يُصَلُّونَ عَلَى النَّبِيِّ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا صَلُّوا عَلَيْهِ وَسَلِّمُوا تَسْلِيمًا
[ترجمو: “بنا شڪ جي الله تعاليٰ ۽ ان جا فرشتا بني پاڪ تي صلوات پڙهي رهيا آهن، اي ايمان وارؤ! اوهان به نبي ڪريم صلعم تي صلوات پڙهو ۽ ادب ۽ احترام سان کين سلام پيش ڪريو.”] جڏهن مٿين آيت نازل ٿي ۽ مومنن کي صلوات پڙهڻ جو حڪم مليو، تڏهن اصحابين نبي ڪريم صلعم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته، يا رسول الله! اسين اوهان تي صلوات ڪيئن پڙهون؟ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته هن طريقي سان صلوات پڙهو: اللهم صلي عليٰ محمد و آل محمد ڪماصليت عليٰ ابراهيم و آل ابراهيم انک حميد مجيد. اهائي صلوات مشهور آهي، جنهن کي درود ابراهيمي سڏيو وڃي ٿو. مختصر صلوات جون پڻ روايتون ملن ٿيون، جيڪا هن طرح آهي: اللهم صل عليٰ محمد وآل محمد صلوات پڙهڻ جو ثواب تمام گهڻو آهي.


لفظ صلواتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو