ساتانو

ساتانو: هيءَ هڪ هندڪي رسم آهي. سانوڻ مهيني جي اونداهي پنک جي ٻارهين تاريخ، ڪنهن ٿانوَ ۾ ستن قسمن جو ان گڏ ڪري پوکيو ويندو آهي ۽ وري بڊي مهيني جي پهرين تاريخ تي درياهه ۾ اڇلايو ويندو آهي. هن رسم کي خاص ڪري هندو ماڻهو خوشبختيءَ ۽ سڀاڳ جي رسم تصور ڪندا آهن.
ساتانو، اتر قطب واري واوَ يا سڻائي واوَ کي به سڏيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو