ساجدي

ساجدي (ذات): ساجدي ذات وارا بلوچستان جا جهالاواني- پلوي بلوچ سڏيا وڃن ٿا، کين ’هينري‘ بلوچ به چون ٿا. هينري پاٽنجر انهن کي ساجدي ڄاڻايو آهي ۽ م. ڪ. پيڪولين ’سنجري‘ لکيو آهي، هنن جو سردار مير شاهه سوار وڏي نالي وارو هو. ڪتاب ’بلوچ قوم ڪي تاريخ‘ ۾ محمد سردار خان بلوچ ڄاڻائي ٿو ته ساجديجت‘ آهن. احمداڻي، محموداڻي، هسواڻي، ماڪاڻي، بيزناڻي، سنگر، يوسفاڻي، سندواڻي، نوتاڻي، گدور، هيڃاڻي، تيمراڻي، ميرانزئي، ساڪازئي ۽ نوشيرواڻي، هنن جا پاڙا آهن. امام سجاد جي اولاد سان تعلق رکندڙ سيدن کي به ساجدي سڏيو ويندو آهي.


لفظ ساجديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو