سارنگ1

سارنگ1 (ذات): سارنگ، سمن جي ذات آهي، جيڪي راڳ ڳائڻ ۾ مشهور هئا. نهڙين ۾ به سارنگ نک آهي، جيڪي سارنگ پٽ جراڙ پٽ ميين جو اولاد آهن. مڱرين ۾ به ’سارنگ‘ هڪ پاڙو آهي، جيڪي بيرڏهه جو اولاد سڏيا وڃن ٿا. چون ٿا ته مشهور بزرگ مخدوم عبدالرحيم مڱريو گرهوڙي به سارنگ پاڙي مان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو