ساٽڙيو

ساٽڙيو: هي شڪار جو هڪ اصطلاح آهي. اهو شڪاري جيڪو زمين ۽ جهنگ جي ٻوٽن کي سٽي، شڪار کي ٻاهر ميدان تي ڪڍي ايندو آهي، ان کي ’ساٽڙيو‘ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ’ساٽڙيو گاٽڙيو‘ اصطلاح به ڪم ايندو آهي، اهو اصل ۾ ساٽڙيو ۽ گاٽڙيو ٻن لفظن جو مجموعو آهي. شڪار وقت ساٽڙيو زمين تي لٺيون هڻي ۽ ٻوٽن کي سٽي، شڪار کي ٻاهر ڪڍندو آهي، جڏهن ته ٻيو همراهه تير ڪمان کڻي پٺيان هلندو هو، جنهن کي گازڙيو چئبو هو، اهو لفظ تبديل ٿي گاجڙيو ۽ گاٽڙيو ٿي ويو آهي. ساٽڙيو چوراڻو اصطلاح پڻ آهي. اهڙو چور جيڪو بنان ڪنهن منصوبه بندي جي ڪٿان وجھ وٺي، سٽ هڻي چوري ڪري ته ان پڻ ساٽڙيو سڏبو آهي.


لفظ ساٽڙيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو