ساڳ1

ساڳ1

ساڳ1

ساڳ1: سرنهن جي ٻوٽي جي پنن کي ’ساڳ‘ چئبو آهي. سرنهن جي ٻوٽي جو قد 3 کان 4 فوٽ ٿئي ٿو، جنهن جو ڳنر ٿلهو ۽ لسو ٿيندو آهي، ان تي اڇي رنگ جو تهه چڙهيل هوندو آهي. هن جو پن ويڪرو ۽ ڏاٽي وانگر چيريل هوندو آهي. ساڳ کي سياري جي موسم ۾ سائي ڀاڄيءَ طور استعمال ڪبو آهي. ساڳ سڄيءَ سنڌ ۾ وڏي شوق سان کاڌو ويندو آهي. ساڳ کي خاص طور چانورن ۽ جوئر جي مانيءَ سان کائڻ پسند ڪيو ويندو آهي. اُن کانسواءِ ساڳ کي بهه، مڇي، ڪڪڙ ۽ پٽاٽن سان گڏ به رڌو ويندو آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ اُٻريل ساڳ ۾ مکڻ ملائي به کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو