سرنهن

سرنهن

سرنهن

سرنهن (Mustard): سرنهن جو فصل سنڌ جي اهم تيلي ٻجن ۾ شمار ٿئي ٿو. سرنهن کي اردوءَ ۾ سرسون، انگريزيءَ ۾ Mustard ۽ لاطينيءَ ۾ Brassica Campestris چيو ويندو آهي. سرنهن جي ٻوٽي جو قد ٽن کان چئن فوٽن تائين ٿئي ٿو. هن جو ڳنر ٿلهو ۽ لسو ٿيندو آهي، جنهن تي اڇي پائوڊر جو تهه چڙهيل هوندو آهي. هن جو پن ويڪرو ۽ ڏاٽي وانگر چيريل هوندو آهي. هن جي گلن جو رنگ ڦڪو ٿيندو آهي. سرنهن جو ٻج ننڍو ۽ رنگ جو ڪارو يا ناسي ۽ ڦڪو هوندو آهي. هن ۾ ايس-9 سٺي جنس آهي. هن جي ٻج مان 35-40 سيڪڙو تيل ملي ٿو. هن جو تيل کائڻ، دوائن، صنعتي ڪارخانن ۾ ڪم ايندو آهي. هن جو تيل وارن ۾ مکڻ لاءِ به ڪم ايندو آهي. هن جي ٻجن مان نڪتل کڙ مال کي کارائبي آهي يا ڀاڻ طور استعمال ٿيندي آهي.
پوکيءَ جو طريقو: هن فصل لاءِ لٽياسي ۽ هلڪي زمين سٺي آهي. زمين کي 2-3 سڪي جا هر ڏئي ٻارا ٻڌجن، 8 ايڪڙ انچ ريج جو پاڻي ڏجي. زمين وٽ ۾ اچي ته ٻه سائي جا هر ڏئي، زمين کي ڍڪي ڇڏجي. هن جي پوکي جو وقت آڪٽوبر ۽ نومبر جو مهينو آهي. جيڪڏهن سرنهن کي دير سان پوکيو ويندو ته ان تي مهلي ۽ جيتن جو حملو ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري هن کي وقت تي پوکڻ ضروري آهي. سرنهن لاءِ هڪ ايڪڙ تي 2 کان 3 ڪلوگرام ٻج ڪافي هوندو آهي. هن کي ڇٽ يا ناڙي وسيلي پوکي سگهجي ٿو. ناڙي ڪرڻ وقت قطارن جي وچ ۾ وٿي 16 کان 18 انچ ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ مفاصلو 2-4 انچ هئڻ گهرجي. سرنهن گهاٽي ڄمي ته ان کي ڇڊو ڪرڻ گهرجي . سرنهن کي 30 ڪلوگرام نائٽروجن في ايڪڙ تي ڏيڻ گهرجي. هن فصل کي ڪل 16 کان 18 انچ پاڻي ڏيڻ گهرجي. هن کي پهريون پاڻي 35-40 ڏينهن کانپوءِ ڏيڻ گهرجي. هن فصل جو لابارو 3 کان 4 مهينن کانپوءِ تيار ٿي ويندو آهي. سرنهن جي لاباري ڪرڻ جو سٺو وقت تڏهن آهي جڏهن هن جي ڦرين جو رنگ سائي مان بدلجي سونهري ٿيڻ شروع ڪري، لاباري کانپوءِ هن جو گاهه ڪبو آهي. سرنهن جي سٺين جنسن جي سراسري في ايڪڙ پيدائش 15 کان 16 مڻ آهي. باقي ٻين رواجي جنس جي سراسري في ايڪڙ پيدائش 7 کان 8 مڻ آهي.


لفظ سرنهنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو