ساڳوان

ساڳوان

ساڳوان

ساڳوان: هي هڪ قيمتي وڻ آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ساگوان، سنڌيءَ ۾ ’ساڳوان‘، انگريزي ۾ Teak ۽ لاطيني ۾ Tectoma grandis چيو ويندو آهي. هن وڻ جو ڪاٺ اعليٰ قسم جي فرنيچر ۾ استعمال ٿئي ٿو. هن وڻ جو وطن هندستان، ملائيشيا، برما ۽ ٿائلينڊ آهي، جتي گرميءَ جو وڌيل پد ۽ بارش جو گهڻو مقدار آهي. سنڌ ۾ پراڻن گهرن جي اڏاوت ساڳوان جي ڪاٺ مان ڪئي ويندي هئي، جن ۾ در، دريون، داسا، ڪامون ۽ ڪٻٽ شامل آهن. ڇتين ۾ ساڳوان جون ڪامون مضبوطيءَ جي ڪري استعمال ٿينديون هيون. اڄ به شڪارپور، سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد جي پراڻن گهرن ۾ ان جو استعمال نظر ايندو. ساڳوان جي ڇوڏي مان هڪ پيلو روغن نڪري ٿو، جيڪو ڇٻن ۽ کارن جي رنگ طور استعمال ٿئي ٿو. هن جي ڪاٺ جي مضبوطيءَ جي ڪري هن کي عام طور ’پڪو‘ چيو ويندو آهي، جنهن کي اڏوهي نه لڳندي آهي.


لفظ ساڳوانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو