پنڙيون

پنڙيون: هڪ قسم جو ڳهه، پنڙين پائڻ جو رواج آڳاٽو آهي. اهو ڳهه وزن ۾ هلڪو ٿئي ۽ ڏسڻ ۾ ننڍو اچي ٿو. پنڙيون، پنڙن کان ننڍيون ٿين ٿيون. اُهي لسيون به ٿين ته گهنگهرين واريون به ٿين. هن جو گهاڙيٽو پوپٽ وانگر ٿئي ۽ ڪنوٽين ۾ پائبيون آهن. پنڙيون گهڻو ڪري ننڍيءَ عمر واريون نينگريون پهرينديون آهن. ننڍڙين ٻارڙين کي ڪنن ۾ پنڙيون ڏاڍيون ٺهنديون آهن، جنهنڪري جيڏيون سرتيون هڪ ٻئي کي تحفي ۾ به پنڙيون ڏينديون آهن. پنڙيون پتن سان مشابهه هونديون آهن. پنڙين کي پلڙيون به ڪوٺيندا آهن. هي ڳهه، خاص ڪري ڪولهين ۾ گهڻو هلندو آهي، انهن جون پنڙيون نج چانديءَ مان ٺهنديون آهن.


لفظ پنڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو