سرمست11

سرمست11

سرمست11

سرمست-11: ’سرمست‘ جي يارهين ڪڙيءَ جو مرتب پڻ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻانهن ٻيلي محمد علي حداد آهي. هن پرچي کان سٽاءَ تبديل ڪئي وئي آهي. ’پنهنجي پاران‘ کان پوءِ گذريل سال جي ادبي ڪانفرنس جو تفصيلي خبرنامو ڏنو ويو آهي. پهريون ڀيرو سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي ۽ انگريزي مقالا به شامل ڪيا ويا آهن. ’پنهنجي پاران‘ ۾ تنوير عباسيءَ ڄاڻايو آهي ته سال 1990ع به سچل سرمست کي ياد ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ يادگار سال رهيو. هن سال ڀارت جي شهر بمبئيءَ ۾ پروفيسر رام پنجواڻي لٽرري اينڊ ڪلچرل سينئر ۽ سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار سان 26، 27 ۽ 28 آڪٽوبر تي شاهه سچل سيمينار برپا ٿيو. هن سيمينار ۾ جتي هندستان جي مشهور ساهتڪارن پنهنجا مقالا پڙهيا، اتي پنهنجي ملڪ مان محترم شيخ اياز، محترم تاجل بيوس ۽ محترم طارق اشرف به اتي وڃي رسيا، جتي سندن وڏي جوش و خروش سان ڀليڪار ڪيو ويو. ان سيمينار ۾ پڙهيل مقالا نهايت ئي ڌيان سـان پڙهڻ جـوڳا آهـن. سـرمست-11 ۾: (1) سچل سرمست ۽ سماع (آغـا سـليـم)، (2) سـچــل جـي شـاعـريءَ جــو لساني جائزو (ڊاڪـٽر نـواز عـلـي شــوق)، (3) عوام اناالحق آهي (فقير محمد لاشاري)، (4) سچل سرمست ۽ سلطان باهو (غلام محمد لاکو)، (5) سچل سائين ۽ مارئيءَ جو تصور (ڊاڪٽر غلام نبـي سـڌايو)، (6) ڇا درازا ۾ اڄ ناهي سچل؟ (انعام شيخ)، (7) عـشـق الاهـي ڏات (نـصـرت ابـڙو)، (8) اردو ۽ سـچـل (ملـڪ نديـم)، (9) سچل سائين دي سرائيڪي ڪلام دا جماليا تي پهلو (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (10) سچل سرمست تي ببليوگرافي (محمد علي حداد) مقالن ۽ ببليوگرافيءَ تي سان گڏ حبيب الله صديقيءَ جو هيٺيون انگريزي مقالو شامل آهي: A Case Study of the tradition to Ibn-Mansoor al Halaj.
ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي سرمست ڪڙي 1991ع ۾ شايع ٿيو جنهن جي قميت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو