سرمست31

سرمست31

سرمست31

سرمست-31: ’سرمست‘ ڪتابي سلسلي جو 31 شمارو مولا بخش لاڙڪ سهيڙيو آهي ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي ۽ امر اقبال رهيا آهن. گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويري خبرنامي کانپوءِ هيٺينءَ ترتيب سان مقالا شايع ڪيا ويا آهن:
سنڌي ڀاڱو: (1) مـيـان صـاحـب ڏنـو فـاروقــي: ڊاڪـٽر نواز عـلـي شـوق، (2) سچـل جـي ’وصلت نامه‘ جو مختصر جائزو: ڊاڪـٽر فـائـزه زهـرا مــرزا، (3) سچل سائينءَ جو سياسي وحدة الوجود: برڪت بلوچ، (4) سچل سائينءَ جي گهڙولي: محمد پنهل ڏهر، (5) سچل سرمست جي ڪلام ۾ انساني عظمت جو فلسفو: نجمه نور ڦلپوٽو، (6) سچل سائينءَ جي ڏاڏي ميان صاحبڏني جي ولادت ۽ وفات جا درست سال (حزب الله آءِ. سومرو)،
(7) سچل سرمست جو ’وصلت نامه‘ (فارسي): غوث بخش عباسي،
(8) حضرت سچل سرمست جي وحدانيت واري شاعري: مرزا علي گل ڀٽو، (9) حب رسول، سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾: الهوسايو سومرو، (10) سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي اپٽار: انور پريمي، (11) سچل سرمست جي ڪلام ۾ تبديليءَ جو درس: زين سولنگي، (12) سچل سائينءَ جو مجازي محبوب ڪير؟ علي حسن سرڪي.
حـصـه اردو: (1) ســنـڌ ڪـي عـظيـم صـوفيـانه روايتيـن: قاضـي جـاويـد، (2) سچل سرمست ڪا اردو ڪلام، سائنسي بنيادون پر تدوين ڪي ضرورت اور اهميت: ڊاڪٽر تنظيم الفردوس، (3) حضرت سچل سرمست ڪا ڪلام احاديث نبوي ڪي تناظر ۾: ڊاڪٽر بشير احمد شاد،
(4) عڪس سچل، درآئينه ڪلام فارسي: خضر نوشاهي.
سچل سرمست يادگار ڪاميٽي: تاريخ ۽ پسمنظر: هادي بخش لاڙڪ، محمد علي حداد ۽ قربان منگي.
ڊيمي سائيز جي 158 صفحن جو هي شمارو سچل يادگار ڪميٽي خيرپور، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو