سرمست7

سرمست7

سرمست7

سرمست-7: ’سرمست‘ جي ستين ڪڙي به ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ترتيب ڏني آهي. ابتدا ۾ سيد غوث علي شاهه (وزيراعليٰ سنڌ)، درگاهه درازا تي سجاده نشين ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد سليم خان جي رنگين تصويرن ۽ مرتب تنوير عباسيءَ جي نوٽ بعد شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ شمشير الحيدري، تاج بلوچ، اياز گل، خاڪـي جـويـي، عـنايـت بـلـوچ، ادل سـومـري، ملڪ نديم، اميد خيرپوري، نظام زائر، صوفي جهامنداس عاشق، قربان منگي، جمال الدين مومن، اختر درگاهي، عزيز ڳاهي، شوڪت بخاري، جمال الدين جوڳي ۽ مير صوبدار سعيد جي شاعري ڏني وئي آهي ۽ مقالن نويسن ۽ سندن مقالن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) آيا مک ويکڻ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) سچل سرمست جي بيت جو فني ۽ فـڪـري جـائـزو (ڊاڪٽر ميمڻ عـبدالـمجـيـد سنڌي)، (3) سچل سائينءَ جو طالب - گهرام فقير (ڊاڪٽر نواز علي شوق)،
(4) سچل سائينءَ جي فن ۽ فڪر جو پسمنظر ۽ محرڪ (رشيد ڀٽي
(5) صوفين ۽ سٿ ۾ سچل سائينءَ جو مقام (ڪريم بخش خالد
(6) درگاهه درازن جي سلسلي جا شاعر (خادم عباسي)، (7) سچل سرمست جي رحلت وارو عيسوي سن (محمد علي حداد)، (8) سچل جي شعر جي شرح (ملڪ نديم) ۽ (9) قرآن شريف ۽ ديوان آشڪار (مولانا عبداللطيف سڪندري).
آخر ۾ حسب دستور سچل سرمست تي محمد علي حداد جي ترتيب ڏنل ببليوگرافي (سن 1986ع تائين واڌاري سان) شايع ٿيل آهي. 152 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتابي سلسلو 1987ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو