سلاوٽ

سلاوٽ: هي اصل لفظ سلاٽ آهي، جيڪا ’سلايا‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’پٿر‘. پٿر جي اڪر جو ڪم ڪندڙن کي سنڌ ۾ سلاوٽ سڏيو وڃي ٿو. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا (ليکڪ: خير محمد ٻرڙي) جي لکڻ موجب سلاوٽ، اصل ماڙوار ۽ جيسلمير جا هندو آهن، جيڪي سنڌ ۾ لڏي اچي مسلمان ٿيا آهن. گهڻو ڪري اُکرين ٺاهڻ، ڪونڊين ٺاهڻ ۽ سنگتراشيءَ جو ڪم ڪندا آهن. ايس. ايم چنا جي لکڻ موجب هي گجرات ضلعي ۽ رياست جا رهاڪو آهن. هنن جا ٽي پاڙا آهن: (1) سومپارا سلاوٽ، (2) ڪنڀر ۽ (3) تلا بڙا ڪولي. اهي ٽيئي پاڙا هڪ ٻئي سان نه کائين شاديون مراديون ڪن. سومپارا تر گجرات، ڪٺياوار ۽ ڪڇ جا رهاڪو آهن. ڪنڀر سلاوٽ ڪنڀارڪو ڪم ڪندا آهن ۽ ڪڇ جا رهاڪو آهن. جڏهن تلا بڙا ڪولي پٿر تي اڪر جو ڪم ڪندا آهن. توڙي جو اهي ٽئي ذاتيون هڪ ٻئي سان سڱابندي ڪو نه ڪن پوءِ به سماجي رهڻي ڪهڻي ساڳي اٿن، ڪن لکتن موجب هي برهمڻ هندو آهن.
سنڌ ۾ سلاوٽ سمن جي دور ۾ آيل ٿا ڏسجن، جو سمن ڄامن جي مقبرن تي پٿر تي اڪر جو ڪم سندن ئي ٿيل آهي. ٻيا به ڪيترائي يادگار آهن جيڪي سندن ڪم جي ساک ڀرين ٿا. هن وقت حيدرآباد جي سلاوٽ پاڙي ۾ اڪثريت سان آباد آهن.


لفظ سلاوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو