سلفر

سلفر

سلفر

سلفر: سلفر امينو تيزاب جو هڪ جزو آهي، جنهن ڪري پروٽين (لحميات) ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ ري ٿو. ڪجهه انزائيم جو مقدار وڌي ويندو آهي. جيڪو جانورن جي چاري لاءِ نقصانڪار آهي. سلفر ٻوٽن ۾ تيل ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ڦري دار فصلن جي پاڙن ۾ ڳنڍيون ٺاهي ٿو، جڏهن ته حياتين ۽ ڪلوروفل ٺاهڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. زمين ۾ نامياتي ۽ سلفر جو مقدار 780 ملي گرام في ڪلوگرام ٿئي ٿو. سلفر زمين ۾ نامياتي ۽ غير نامياتي حالت ۾ ملي ٿو. صنعتي علائقن ۾ بيٺل فصل پنن ذريعي سلفر ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪندا آهن. ان ڪري ضرورت زمين ۾ پيل سلفر يا سلفر مليل ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال سان پوي ٿو. سلفر مليل ڪيميائي ڀاڻ جھڙوڪ: امونيو سلفيٽ ۾ 24 سيڪڙو سلفر آهي. سنگل سپر فاسفيٽ ۾ 12 سيڪڙو سلفيٽ آف پوٽاشيم ۾ 18 سيڪڙو ٽرپل سپر فاسفيٽ ۾ 15 سيڪڙو ۽ نائٽرو فاسڪا مڪمل ڀاڻ ۾ 6 کان 7 سيڪڙو سلفر شامل آهي. ان کان علاوه جست واري ڀاڻ زنڪ سلفيٽ ۾ 36 سيڪڙو جست آهي ته 17.8 سيڪڙو سلفر ٿئي ٿو.


لفظ سلفرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو