سليٽ

سليٽ

سليٽ

سليٽ (Slate): اکرن لکڻ لاءِ پٿر يا لوهه جي ڪاري تختي، جنهن تي ٻار کي پٿر جي قلم سان لکڻ سيکاريو ويندو آهي ۽ خوشخطي ڪرائي ويندي آهي ته جيئن ٻارن کي سٺن اکرن لکڻ جي عادت پوي. اڄ به ڳوٺن ۽ شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ سليٽ استعمال ٿيندي آهي. لکڻ جو اهو پهريون ڏاڪو آهي.
پٽيءَ تي اکر سيکارڻ کانپوءِ ٻار کي سليٽ تي لکڻ سيکاربو آهي. پهرئين درجي جي شاگردن کي سليٽ گهٽ استعمال ڪرائبي آهي. سليٽ ٻئي درجي کان استعمال ڪرائبي آهي، جنهن تي سڌا ليڪا ڪڍي ٻارن کي اکرن جي سڌائي سيکاري ويندي آهي. اکرن جو درست خاڪو ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ استاد پهرين بورڊ تي الف-ب لکندو آهي ۽ ٻار ان جو نقل سليٽ تي ڪندا آهن. پٽيءَ ۽ سليٽ تي ڪندا آهن. پٽيءَ ۽ سليٽ کان پوءِ ڪاپيءَ تي مشق ڪرائبي آهي. پر اڄڪلهه ڪاپين تي پينسل سان لکرائيندا آهن، نتيجي طور ٻارن جا اکر سٺا نه ٿا ٿين.
سٺن اکرن لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته ”جنهن جا اکر چڱا، تنهن جا لڇڻ به چڱا“.


لفظ سليٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو