پٽي جي تصوير

پٽي جي تصوير

پٽي

پٽي/ ڦرهي: پٽي، ڪاٺ جي لسي تختي ٿيندي آهي، جنهن کي ميٽ سان ميساري ٻارن کي الف- ب لکي ڏبي آهي. 10 کان 12 انچ ويڪري هن پٽيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڦرهي به چئبو آهي. ڦرهيءَ تي ڪاري مَس سان سَر/ ڪاني جي ڪلڪ سان استاد لکـنـدا هئـا. اڄ به ڪـٿـي ڪٿي استعمال ٿئي ٿي. پٽي پرائمري تعليم جو ابتدائي مرحلو هوندي آهي، پٽيءَ تي اسڪول ۾ تازي داخل ٿيل ٻار کي الف ب جا اکر ۽ انهن جون زيرون، زبرون ۽ پيش لکي سڃاڻپ ڪرائبي آهي. اڳي ته ٻارن کان به پٽـيءَ تي اکـرن جي مشق ڪرائبي/ لکائبي هئي. اڄڪلهه ڪاغذ جي ڪاپين تي اها مشق پينسل ذريعي ڪرائي وڃي ٿي. ماضيءَ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پٽيءَ جو استعمال عام هو، جيڪو هن وقت گهٽ ٿي ويو آهي. پٽي/ ڦرهي تي ٻارن کان ان ڪري لکرائبو هو ته جيئن سندن اکر سهڻا ٿين ۽ ٻار سُٺا خوشخط ٿي سگهن. سنڌ ۾ درجي وار تعليم جي سرشتي هيٺ ٻار کي پهرئين ۽ پڪي پهرئين درجي کان اڳ پٽيءَ تي پڙهايو ويندو هو/ آهي. پهرئين درجي جي ٻار کي پرائمري اسڪولن ۾ ابتدائي طور ڪا‏ٺ جي پٽيءَ تي ترتيب وار الف، ب ۽ الف، ب جي ڪَڪِ: اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي اَي، او، اَو سيکاربي هئي. پٽي ميٽ سان ميساري وري وري استعمال ڪري سگهبي هئي.هاڻي پٽيءَ جو استعمال گهٽجي ويو آهي، ان جي جاءِ تي چاڪ، سليٽ ۽ سليٽي پين اچي وئي آهي. خانگي اسڪولن ۾ ته ابتدائي تعليم کان ئي ڪاپي ۽ پينسل ڪم آندي وڃي ٿي، نتيجي طور ٻارن جا اکر سٺا ۽ خوبصورت نه ٿا ٿين. ٻهراڙين ۾ پراڻا استاد اڃا پٽيءَ جو ڪٿي ڪٿي استعمال ڪن ٿا.


لفظ پٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو