سمي

سمي: سمي ناچ، پنجاب جي علائقي جهنگ ۾ تمام مشهور آهي. هي رومانوي ناچ آهي ۽ گھڻو ڪري چانڊوڪيءَ رات ۾ نچيو وڃي ٿو. چانڊوڪي سبب هي ناچ ڏسڻ واري تي ڏاڍو غمگين تاثر ڇڏي ٿو. هن ۾ وڇوڙي جا گيت ڳاتا وڃن ٿا. اهي عورتون جن جا محبوب يا مڙس ڏورانهين سفر تي ويل هجن ٿا، انهن جي وڇوڙي ۾ هي ناچ وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي نچيو وڃي ٿو. هي ناچ دائري ۾ نچيو وڃي ٿو.


لفظ سميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو