سنڌيون

سنڌيون (Sindhi Educational Movement): ‘سنڌيون’ دراصل اهي سنڌي مذهبي ڪتاب هئا، جيڪي سنڌي عالمن، پنهنجي جوڙيل عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکيا. سن 1700 ۾ مخدوم ابو الحسن ٺٽويءَ جي جوڙيل الف- بي جيتوڻيڪ سڄيءَ سنڌ ۾ نافذ نه ٿي سگهي، پر سنڌ جي ڪيترن ئي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ اها پنهنجي اهميت مڃائي چڪي هئي. ان وقت اڪثر درسگاهن ۾ مادري زبان وسيلي تعليم جو سرشتو قائم ٿي چڪو هو. وقت جي جيد عالمن ۽ استادن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌي ميڊيم مدرسا قائم ٿيا. هن تحريڪ هيٺ جيڪا الف-ب جوڙي ويندي هئي ان کي ‘سنڌي’ سڏيو ويندو هو. مثال طور: مخدوم ابو الحسن جي سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي سنڌي يا مخدوم ضياء الدين جي سنڌي وغيره ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ اهڙن عالمن سنڌي زبان لاءِ نوان نپايا ۽ لاڙا متعارف ڪرايا ۽ ان جي بقا جو پيغام ڏنو. ‘سنڌيون’ عنوان تحت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي هڪ ڪتاب پڻ 1970ع ۾ لکيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو