سنگتڙو

سنگتڙو

سنگتڙو

سنگتڙو: هيءُ ميويدار وڻ، چين جو مقامي وڻ آهي. پاڪستان ۾ گهڻو ڪري پنجاب جي علائقن ۾ ٿيندو آهي. هن وڻ کي انگريزي زبان ۾ Mandarine Orange، اردوءَ ۾ سنگتره ۽ نباتاتي ٻوليءَ ۾ Citrus reticulate چيو وڃي ٿو. هن وڻ جو تعلق Rutaceae خاندان سان آهي.
هي وڻ نازڪ ٿئي ٿو ۽ ان جو قد تقريباً 4 کان 6 ميٽرن جو ٿئي ٿو. هن ۾ ڪنڊا ننڍا ننڍا يا وري بلڪل نه هوندا آهن. هن پن 6 کان 8 سينٽي ميٽر نيزي وانگر يا بيضوي شڪل ۾ ٿين ٿا. پنن جا ڪنارا داڻيدار ۽ ڪٽيل ٿين ٿا، جڏهن ته ان جي ڏانڊي پرده دار ٿئي ٿي. هن جا گل اڇي رنگ جا ٿين ٿا، جيڪي پن ۽ شاخ جي وچ تي ڦٽن ٿا. انهن ۾ لاتعداد نرٻور(stamen) ٿين ٿا، جيڪي تاندورن سان ڳنڍيل هوندا آهن. وڻ جو ميوو مٿي ۽ هيٺينءَ طرف دٻيل يا ٽڪنڊي نموني جو هوندو آهي، جنهن جو قطر 5 کان 8 سينٽي ميٽرن جو ٿيندو آهي. ميوي جي مٿئين کل تيز پيلي کان نارنگي مائل ڳاڙهي رنگ جي ٿئي ٿي. ان ۾ چمڪندڙ مادو ڀريل هوندو آهي. سنگتڙي جي کل اندر موجود ڦاڪون/ ڦارون آسانيءَ سان الڳ ٿي سگهن ٿيون. ان جو گودو نارنگي رنگ جو مٺو يا کٽو مٺو ٿيندو آهي. هي ميوو تقريباً سڄيءَ دنيا ۾ تمام گهڻي شوق سان کاڌو وڃي ٿو. هن ميويدار وڻ ۾ آگسٽ کان آڪٽوبر تائين ميوو رهندو آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو