سنگهاڙو

سنگهاڙو

سنگهاڙو

سنگهاڙو (Trapasiprosa Roub/ Water chestnut): سنگهاڙو هڪ قسم جو ميوو آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ’سنگارا‘، انگريزيءَ ۾ Water-chestnut ۽ لاطينيءَ ۾ Trapa Bispinosa چئبو آهي. هن ميوي جي کل مٿان کان ڪاري ٿيندي آهي، جڏهن ته اندران اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ سنگهاڙو ڍنڍن ۽ وڏن تلائن ۾ پوکيو وڃي ٿو. هي ٻوٽو ڪشمير ۾ سمنڊ جي سطح کان 5000 فوٽن جي اوچائيءَ تي به اُڀري ٿو. هن جو ميوو سُڪائي، پيهين، اٽو ڪري، سُڪائي، ان مان مندرن ۾ استعمال ٿيندڙ گُلال ٺاهبو آهي، جنهن سان هوليءَ دوران ڪپڙن کي رڱبو آهي. طبيب هن کي رت ۾ جوش جي گهٽتائيءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هن ميوي ۾ ڪاربوهائيڊريٽ 23.3 سيڪڙو، پروٽين 4.7 سيڪڙو، سڻڀ 0.3 سيڪڙو ٿيندو آهي. ان کانسواءِ ڪئلشيم، پوٽاشيم، فاسفورس جهڙا ڪيميائي جزا شامل هوندا آهن.


لفظ سنگهاڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو