پپنوس

پپنوس: هي ليمي جي قسم جو هڪ ميوو آهي، جيڪو ليمي کان وڌيڪ کٽو ٿيندو آهي. هن ۾ فولاد سٺو ملندو آهي، هن ۾ سئي وجھبي ته اها ڳري ويندي. حڪيمن مؤجب هن جو تيار ٿيل فولاد جو ڪُشتو رت کي وڌائڻ ۽ صفا ڪرڻ لاءِ مفيد چيو وڃي ٿو، هن کي سُڪائي، سنڍ ۽ پپريون ملائي ڪُٽي ڦڪي ٺاهبي آهي، جيڪا ماني کائڻ کان پوءِ وٺڻ سان هاضمو ٿيندو آهي. سنڌ جا حڪيم هي وکر دوائن ۾ گهڻو استعمال ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو