سوچي

سوچي (ذات): سوچي، چمڙي جو ڪم ڪندڙ موچي آهن، جيڪي تيار ٿيل چمڙي مان عام ضرورت جون شيون ٺاهيندا آهن. بظاهر موچيءَ ۽ سوچيءَ ۾ فرق نه آهي، جو ٻنهي جي ڪِرت ساڳي آهي. ’انسائيڪلوپيڊيا آف ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس‘ موجب موچي ۽ سوچيءَ ۾ فرق نه ڏٺو ويو آهي، پر هندستان ۾ اهي چمارن کان مختلف آهن، چمار جانور جي جسم تان کل يا ڇوڙي لاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. هي مسلمان به آهن ته هندو به. اڳي چمڙي رڱڻ جو ڪم مينگهواڙ به ڪندا هئا. سوچي رڱيل چمڙي مان مصنوعات ٺاهڻ جا ڪاريگر آهن، پر پاڻ چمڙو نه رنگيندا آهن. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا موجب سوچي سنڌ جي هندو موچين جي هڪ ذات آهي، جيڪي اڪثر موچڪو ڌنڌو ڪندا آهن.


لفظ سوچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو