سيرڪاڻي

سيرڪاڻي (ذات): هن ذات جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ’ڪليات حمل‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سيرڪ لغارين جي سيرڪاڻي قبيلي جو وڏو ڏاڏو هو، جنهن مان سيرڪاڻي پاڙو آهي. ان سيرڪ جو اولاد ٽالپرن سان گڏجي سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ کي ’سيرڪاڻي بلوچ‘ سڏايائون.“ ان کانسواءِ هن ذات جي باري ۾ سائين جي.ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي ته: ”سيرڪاڻي ديري غازي خان کان لڏي آيل لغارين جو پاڙو آهي. هن پاڙي مان رئيس علي مراد خان ولد رئيس غلام شاهه خان لغاري سڪرنڊ وارو وڏي نالي وارو ٿي گذريو آهي.“


لفظ سيرڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو