سينهڙا

سينهڙا (ذات): سما قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو سينهڙا آهن. قاضي محمد سليمان ڀان ’تاريخ سميجا‘ ۾ ’سينهڙاذات بابت لکي ٿو ته: ڏيرو بن ٿيٻو، جنهن کي 9 پٽ هئا. تن مان هڪ پٽ جو نالو ’سينهڙو‘ هو، جنهن جو اولاد سينهڙا سميجا سڏجي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن قبيلي جي باري ۾ ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾ لکي ٿو ته: هن قبيلي جا پنچ، ست ڳوٺ ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ۾ آهن. هڪ روايت موجب؛ قبيلي جي وڏو سينهڙو ڌماچاڻي هو، يعني سينهڙو ڀٽ ڌماچ جو، ٻيءَ روايت موجب؛ سينهڙا، سميجي جي ڀاءُ جو اولاد آهن، لاڙ جي سينهڙن جا ڇهه پاڙا آهن: (1) مگسي، (2) ڄاموٽ، (3) بهمڻ، (4) بلولاڻي، (5) پسايا،
(6) باجيداڻي. ميرپورخاص ضلعي جو شفيع محمد سينهڙو مشهور قومي ڪارڪن ٿي گذريو آهي.


لفظ سينهڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو