سيلارس

سيلارس: هي کؤنر جو هڪ قسم آهي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جو ٿئي ٿو. حڪيمن موجب سيلارس، معدي کي طاقت ڏئي ٿو، خشڪ کنگهه، بلغم، زڪام، سيني جي سور، پٺن، چيلهه ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، ڪچن خلطن کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو، جلندر، مثاني جي پٿري، ڪن جي سور ۽ ڦڦڙن جي ڦٽ لاءِ فائدي وارو آهي. پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو