سينائي

سينائي: مصر جي اتر اوڀر ڇيڙي تي هڪ ٽڪنڊو اپکنڊ. اهو ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي اترئين حصي کي ڌار ڪندڙ ۽ افريقا ۽ ايشيا جي وچ ۾ پل وانگر موجود آهي، جيڪو سئيز ڪئنال ۽ سئيز نار جي وچ تي اولهه طرف ۽ اسرائيل ۽ اقابه نار جي اوڀر ۾ آهي. سينائي جبل لاءِ ڪتابن ۾ آهي ته اتي حضرت موسيٰ کي پٿر جون ٽڪريون مليون هيون، جن جو ذڪر عهدنامه قديم (Old Testament) ۾ آهي. اسرائيلي فوجن ان کي 1956ع ۾ قبضي هيٺ آڻي وري ڇڏي ڏنو هو. وري ٻيهر 1967ع ۾ قبضو ڪرڻ سبب عرب اسرائيل ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. 1973ع ۽ 1975ع کانپوءِ وري اسرائيل ان جو ڪجهه حصو خالي ڪيو ۽ 1978ع ۾ مصر ۾ امن جي شرط تي اهو مڪمل طور خالي ڪيو.
سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي: سينٽ اينڊريوز چرچ کي ’اسڪاچ چرچ‘ (Scotch Church) به سڏيندا آهن، هي ڪراچيءَ جي گارڊن روڊ تي، کاٻي هٿ تي صدر ۾ موجود آهي. چرچ جي سامهون جهانگير پارڪ آهي. هي گوٿڪ طرز اڏاوت جي انتهائي خوبصورت عمارت آهي. هن چرچ جي پيڙهه جو پٿر، 6 فبروري 1867ع ۾ ممبئي فوج جي ڪمانڊر انچيف سر رابرٽ نيپئر رکيو هو. هن جو افتتاح 31 ڊسمبر 1869ع تي ٿيو. چرچ جي بلڊنگ کي سنڌ ريلوي جي انجنيئر مسٽر ٽي. جي نيونهم ڊزائين ڪيو هو. هن جي ٽاور جي اوچائي 56 فوٽ آهي. هن جو هال 180 فوٽ ڊگهو ۽ 56 فوٽ ويڪرو آهي. چرچ ۾ 400 ماڻهن جي عبادت جي گنجائش موجود آهي. خوبصورت پارڪ ۽ گهاٽن وڻن ۾ گهيريل هيءَ چرچ هاڻي وڏين اڏاوتي جاين جي وچ ۾ گاڏين جي نڪرندڙ دونهين جي ڪري پنهنجي خوبصورتي وڃائي چڪي آهي.


لفظ سينائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو