سينڱاري

سينڱاري

سينڱاري

سينڱاري (Mystus armatus): ليئي مڇيءَ ۾ ڄرڪي کانپوءِ ڊيگهه ۽ وزن ۾ سينڱاري مڇيءَ جو نمبر آهي. هن مڇيءَ تي ڇلر ڪونه ٿين ۽ ان جي مٿين چمڙي لسي ۽ ليئدار ٿيندي آهي. سياري ۾ درياهن ۽ ڍنڍن ۾ هيءَ مڇي تمام گهڻي ٿيندي آهي. درياهه جي سينڱاري ڏهن کان پندرهن ڪلوگرامن تائين وزن واري به ٿئي ٿي. سينڱاري تار پاڻيءَ ۾ وهڻ لاءِ تَس يا ٿر ٺاهيندي آهي. درياهه ۾ وڏين سينڱارين جي وهڪ وارا تَس اڍائي کان ٽي فوٽ کن اونها ٿيندا آهن. سينڱاريءَ کي ٽي ڪنڊا ٿين ٿا. هڪ مٿان بوناڙ وٽ ۽ ٻه پاسن کان. اهي ڪنڊا، کيس رڇ يا ڄار ۾ ڦاسڻ وقت ڇڏائڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جو سينڱاري اهي ڪنڊا رڇ کي هڻي، ڦاڙي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پر ڪڏهن اهي ئي ڪنڊا ڄار ۾ ڦاسڻ جو ڪارڻ بڻجندا آهن. سينڱاريءَ جا ڏند داڻ داڻ وانگر تيز ۽ تکا ٿيندا آهن. هيءَ مڇي وهڪ وارو تس بوناڙ ۽ کنڀڙن سان ٺاهيندي آهي. سينڱاري آني ڪندي آهي. سينڱاريءَ جي نر کي سَٽو به چون، لَڳَ جي مند ۾ نر مادين سان چهٽيا پيا هوندا آهن. يعني ماديءَ سان لڳي پيا تڙڳندا آهن. سينڱاري گپ ۾ منهن هڻي لڪي ويندي آهي. سينڱاري يا ٻي ليئي مڇي سنڌ کان پنجاب ۾ وڌيڪ کاڌي وڃي ٿي.


لفظ سينڱاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو