سُتيارو

سُتيارو: ٽالپرن جي دور ۾ هتي هڪ شاندار وڏي ڍنڍ هئي. آڳاٽي درياهي وهڪري جو لنگهه به هيءُ علائقو رهيو هو، جنهنڪري هتي ’ستيون‘ جام هئڻ ڪري هن علائقي کي ’ستيارو‘ سڏيو ويو. هن وقت سم جي پاڻيءَ جي ڍنڍ پڻ ’ستيارو‘ سڏجي ٿي. هتي ٽالپر حڪمرانن جو ڪچو قلعو به ٺهيل هو، جنهن جا آثار مقامي زميندارن زمينون ڪاهي ختم ڪري ڇڏيا آهن. ستيارو سڪرنڊ کان اوڀر طرف اٽڪل ٻارنهن ڪلوميٽر پري آهي. هتي ڍنڍ جي وچ ٻيٽاريءَ ۾ شڪار ۽ تفريح گاهه لاءِ ميرن جي دور جي ٺهيل جڳهه جا نشان اڄ به موجود آهن. اهڙي نشاندهي ستياري جي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي جي رهواسي سرور ڪيريي ڏهه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪئي هئي. ستيارو علائقي ۾ موجود ڳوٺ ولي محمد ڪيريي جي استاد مير محمد ڪيريي پڻ ڍنڍ ۾ اهڙن اهڃاڻن ۽ ڪناري تي ڪچي قلعي جا نشان هئڻ جي دعويٰ ڪئي. سڪرنڊ جي نوجوان شاعر ۽ محقق ماڻڪ ملاح ۽ ڳوٺ حاجي ڪيريي جي رهواسي ادب دوست جيئڻ ڪيريي سرزمين تي وڃي ڍنڍ جو مشاهدو ڪيو ۽ ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ پڪي جاءِ جا نشان ۽ ڪناري سان ڪچي قلعي جا نشان ۽ اهڃاڻ اکين سان ڏٺا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو