سُفيدو

سُفيدو

سُفيدو

سُفيدو (وڻ): هي ڊگهي قد وارو وڻ، وچ اوڀر ۽ يورپ جو مقامي وڻ آهي. هن وقت وسيع پئماني تي دنيا جي ٻين حصن ۾ به سفيدي جا وڻ پوکيا وڃن ٿا. هن وڻ کي انگريزيءَ ۾ Lombardy Poplar چوندا آهن. ان جو نباتاتي نالو Populus nigra L. آهي. هي وڻ ’Salicaceae‘ خاندان جي ٻين جنسن مان هڪ وڻ آهي. پاڪستان ۾ هي وڻ بلوچستان، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب کان سواءِ دير، چترال، سوات، گلگت بلتستان، لداخ ۽ ڪشمير جي علائقن ۾ به عام ۽ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ جو مجموعي قد 30 ميٽر ڊگهو ۽ مٿيون حصو ڇٽيءَ نما ويڪرو، ڇانو ڏيندڙ هوندو آهي. وڻ جي ٿڙ تي وڏا وڏا اڀريل ڇوڏا ٿيندا آهن. وڻ تي نيون ڦٽندڙ شاخون دائري نما گول ۽ مخروطي ٿين ٿيون، جيڪي شروعاتي ڏينهن ۾ ڦڪي رنگ جون ۽ بعد ۾ خاڪي (ناسي) رنگ جون ٿي وينديون آهن. وڻ جي ڊگهين شاخن جا پن 5 کان 10، 4 کان 8 سينٽي ميٽرن جا ننڍا ۽ بيضوي شڪل جا ٿين ٿا، انهن جا مُنهن نوڪدار، حاشيو سنهو، داڻيدار ۽ داڻا، آري نما گول ٿين ٿا. ننڍين شاخن جون پتيون ننڍيون ۽ موڪريون ٿينديون آهن. هر هڪ گل ۾ 20 کان 30 نر ٻور ملن ٿا. هن جون گلدار شاخون 10 کان 15 سينٽي ميٽر ڊگهيون ٿين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو