ديال

ديال

ديال

ديال (Deodar): ديال، وڻ جو هڪ قسم آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ديال‘ ۽ اردوءَ ۾ ’ديودار‘ سڏبو آهي. ديال، پاڪستان جو قومي وڻ آهي. هي وڻ قد ۾ ڊگھو ٿئي ٿو. ان جون ڪاٺيون سڻڀيون ۽ بوءِ واريون ٿين ٿيون. هن وڻ جي ڪاٺي تمام چيڙهيائتي ٿيندي آهي، جيڪا وڏي عرصي تائين ڀُرندي ناهي. تنهنڪري هن وڻ جو ڪاٺ فرنيچر ۽ ريلوي لائين جي پٽڙين طور ڪتب ايندو آهي. هن وڻ جي ڪاٺي سُري ۽ اڏوهيءَ وغيره کان به محفوظ رهندي آهي. انگريزن به هن وڻ جي ڪاٺ کي ريل جي پٽڙين ۾ استعمال ڪيو هو ۽ اڃا تائين استعمال ٿئي ٿو. حڪيمن موجب ديال جي ٻُوري جو دونهون مٿي جي سور، دماغ جي ڦيريءَ ۽ خناق رحم لاءِ مفيد هئڻ سميت ڦٽن، ڦرڙين، رت جي کانگھاري، مهارن ۽ ڏندن جي مضبوطيءَ لاءِ به فائديمند آهي.


لفظ ديالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو