سُڻي

سُڻي

سُڻي

سُڻي (Cirrhinus Reba): سُڻي مڇيءَ کي ’سهڻي‘ به چوندا آهن. هن جا ڇلر سفيد رنگ جا ٿيندا آهن. سڻيءَ جي هڪ جنس ’گڏهڙو‘ به ٿيندي آهي. هيءَ ننڍي مڇي آهي. ڍنڍن ۾ وڌ ۾ وڌ پاءُ ڏيڍ جي ملندي آهي. سڻي آبي گاهه کائي، پر ننڍي ديو مڇي سندس مرغوب غذا آهي. سڻي، پوپريءَ تانگهي پاڻيءَ ۾ لڳ ڪندي آهي. هن ننڍڙي مڇيءَ کي پيٽ ٿيڻ جي ڦوٽي ٿيندي آهي. وڏين مڇيءَ جي هيءَ مرغوب غذا آهن. سڻيءَ کي شڪاري ڪلوئڙن ۾ وجهي استعمال ڪندا آهن. هن جا ڇلر ايترا سنها ٿيندا آهن، جو لڳندو آهي ته لئي مڇي آهي پر هي ڇيلري مڇي هوندي آهي.
هي مڇي موري مڇيءَ سان ملندڙ جلندڙ نموني جي آهي. مگر رنگ ۽ قدبت ۾ ڪافي فرق رکي ٿي. هن جو مٿو ننڍو ۽ جسم جي ڪل ڊيگهه جو 15 کان 18 سيڪڙو ٿيندو آهي. اکيون منڍيءَ جي ٻنهي طرفن ۾ وچ تي، وات هيٺ پيٽ واري پاسي کلندو اٿس. هن جا چپ سنها ٿين، وات وٽ ٻه ڪنڊر ننڍڙيون مڇون هونديون اٿس. هن جي جسم جي گهرائي منڍيءَ جي گهرائيءَ کان ڪي قدر گهڻي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. منڍي ۽ پڇ ڇڏي باقي جسم ماپبو ته سڄي جسم جو 30 سيڪڙو بيهندو. ڪرنگهي وارو پنکڙو يا کنڀڙو موري وانگر، پر ان کان ٿورو ننڍو هوندو اٿس. ٻيا کنڀڙا به ننڍا اٿس. پڇ ٻه شاخو، پر منڍيءَ جي ماپ کان ڪي قدر وڏو ٿيندو اٿس. هن جي ڪرنگهي واري لڪير وٽ ڇلرن جو تعداد 35 کان 38 ٿيندو آهي. پڇ ۾ ڪنڊن جو تعداد 11 يا 12 هوندو آهي. هن جو رنگ چلڪڻو. ڇلرن جو رنگ گهاٽو نيرو ٿيندو آهي، جنهن ڪري منڍيءَ کان وٺي پڇ تائين ڊگهيون خوبصورت ليڪون ڏسڻ ۾ اينديون اٿس. هن جي ڪرنگهي واري پنکڙي ۽ پڇ جو رنگ گهڻو ڪري سليٽي باقي ٻيا کنڀڙا سفيد هوندا آهن.
هي آبي ٻوٽن تي گذران ڪرڻ واري مڇي آهي، پر ننڍا جيت جڻيا به کايو وڃي. هن ۾ ڪنڊو گهڻو ٿئي ٿو، جنهنڪري کائڻ ۾ گهٽ اچي ٿو. هن جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه 60 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. برسات جي موسم بي شمار آنا لاهيندي آهي.


لفظ سُڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو