ڏاهي

ڏاهي

ڏاهي

ڏاهي (Labeo Calbasu): هڪ قسم جي مڇي، جيڪا پاڪستان جي ميداني علائقن وارن درياهن، واهن، ڍنڍن ۽ ندين ۾ عام ملي ٿي. ڏاهيءَ مڇي کي اردو ۾: ڪلبانس ۽ ڪالابان چئبو آهي. ڏاهي مڇي، ڪُرڙي، ڏنڀري، موراکي ۽ رڙي وانگي هي سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين هنڌن ۽ هندستان، بنگلاديش، نيپال ۽ ميانمار (برما) ۾ پڻ ڪثير انداز ۾ ملي ٿي. ڏاهي مڇي جيتوڻيڪ مِٺي ۽ تازي پاڻيءَ جي مڇي آهي، اُن جي باوجود جتي کارو ۽ مٺو پاڻي گڏجي ٿو، اُتي به ٿئي ٿي. شاهبندر واري علائقي ۾ ڏاهي مڇيءَ کي کاري جي مڇي ڪري پڻ ڳڻيو ويندو آهي. هيءَ ڇلرن واري مڇي آهي، جيڪا ٻه اڍائي فٽ ڊگهي ۽ وزن ۾ ڏيڍ کان ٻه ڪلو ٿئي ٿي. ڪن حالتن ۾ ڏاهيءَ جو وزن ٽي ڪلو به ٿئي ٿو. هن جو منهن ننڍو ۽ ڄاڙيون ٿلهيون ۽ جھالدار هونديون آهن. هن مڇيءَ کي منهن تي وات جي ڀرسان چار ننڍڙا وار مُڇن جي صورت ۾ هوندا آهن. ڏاهي مڇي رنگت ۾ ڪاري مائل سليٽي ٿيندي آهي، جنهن جي پنکڙين جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو. هن تي ڏاهي نالو سياڻپ يا ڏاهپ جي ڪري پيو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ بنهه سياڻي ۽ ڇرڪندڙ آهي ۽ هن جو آسانيءَ سان شڪار نٿو ڪري سگھجي. ڪُرڙي يا ڏنڀري وانگر ڏاهي ڄار ۾ ڦاسڻ سان ٽپا نه ڏيندي آهي، پر ڪا جاءِ، ڪو ڳرکو يا هنڌ جانچي، اُتان نڪري ويندي آهي. هن اهڙيءَ ڄار ۾ واپس اچڻ جي ڏاهپ هوندي آهي، جنهن سان هوءَ ڄار ۾ ڦاٿل ٻين مڇين کي پڻ پنهنجي پويان لڳائي ڪڍي ويندي آهي. ڏاهي مڇي ڄار يا رڇ پوڻ جي صورت ۾ اڪثر ڪنارن تي گندگاهه ۾ لڪي ويندي آهي ۽ سولائيءَ سان جَهل نه ڏيندي آهي. ڏاهي مڇيءَ جون کان آگسٽ تائين آنا ڏيندي آهي، هڪڙي ڏاهي مڇي 7 لکن تائين آنا هر سال ڏئي ٿي. آنا ڏاهيءَ جي پيٽ ۾ آني يا ٻوريءَ جي شڪل ۾ هوندا آهن، جيئن پَلي جي آني ٿيندي آهي. هن جو گوشت لذيذ ۽ ڪنڊو سخت ٿيندو آهي. ڏاهي مڇي هڪ سال ۾ اٽڪل ٻه سوا ٻه فُٽ ڊگهي ۽ ڏيڍ ڪلو وزني ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته خوراڪ پاڻيءَ ۾ موجود گاهه وغيره آهي. هيءَ پاڻيءَ جي تهه ۾ وڃي پنهنجي خوراڪ ڳوليندي آهي، جنهن ڪري کيس Bottom Feeder به چيو ويندو آهي. اُن کانسواءِ ننڍڙا آبي جاندار ۽ نامياتي جُزا (Organic Debris) به سندس خوراڪ آهي. هن کي هم خور Omnivore به چئجي ٿو. گهڻي قدر ڏاهي مڇي سبزي خور (Herbivore) آهي. ڏاهي مڇيءَ جي ڪارن ڇلرن ۾ هلڪو اڇو ٽڪو ٿيندو آهي، جنهنڪري سندس رنگ سليٽي نظر ايندو آهي. هيءَ مڇي پنهنجا آنا تازي پاڻيءَ ۽ ڍنڍن ۾ لاهيندي آهي، پر تلائن ۾ آنا نه ڏيندي آهي. سنڌو درياهه کانسواءِ ڏاهي مڇي ڪنهن دؤر ۾ منڇر ڍنڍ ۾ به جام هوندي هئي، هاڻي ڪينجهر ڍنڍ کان سواءِ ٻين ڍنڍن ۾ به ملي ٿي.


لفظ ڏاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو