شنباڻي

شنباڻي: هي ڪرمتين جي مهيري ۽ مرگهر شاخ جو هڪ پاڙو آهي. لاشارين جي منڌير شاخ مان پڻ آهن. پروفيسر ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي لکيو آهي ته ”شنباڻي“ مگسي بلوچ آهن ۽ بگٽي (رند) بلوچن جو پاڙو آهي.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”شنباڻيبگٽي بلوچ آهن. ايس صادق علي جي لکڻ موجب ”شنباڻي“ بگٽين (رند) جو هڪ جدا قبيلو آهي، جنهنجو سردار ڪيچي خان شنباڻي بگٽي هو. هي شنبو پٽ سائينداد جو اولاد آهن. هڪ روايت موجب بگٽي بلوچن ۾ ٻه وڏا خاندان شمباڻي ۽ شنباڻي جي نالن سان مشهور آهن. شمباڻي، شمبو خان بن هيبت خان بن نوس خان، نوٿاڻي جو اولاد آهن، جن کي نوٿاڻي ۽ شمباڻي بگٽي بلوچ سڏين ٿا ۽ شنباڻي ذات وارن کي جدا پڳ ۽ حيثيت حاصل آهي. اهڙي ريت مهير ڪرمتين ۽ مرگهر ڪرمتين جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ شنباڻي آهي ۽ لاشارين جي منڌير شاخ مان پڻ هڪ پاڙي جو نالو شنباڻي آهي. خان شنباڻي'>دريا خان شنباڻي نوجوان ڪهاڻيڪار آهي ۽ بحرالدين بحر شنباڻي سٺو سگھڙ آهي.


لفظ شنباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو