شيخاوتي

شيخاوتي (ٻولي): شيخاوتي، راجسٿاني ٻوليءَ جو هڪ لهجو قرار ڏنو ويو آهي. راجسٿاني ٻولي هند آريائي ٻولين جي نک مان آهي. هيءَ ٻولي راجسٿان جي چورو، جهنجهنو ۽ سڪار ضلعن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي ادبي توڙي ثقافتي لحاظ کان وڏي تاريخي حيثيت رکي ٿي. پر هن ٻوليءَ تي جوڳو ڪم نه ٿيو آهي. هن ٻوليءَ کي مارواڙي ڪري به سڏين ٿا. گريئرسن جي لکڻ (2001ع) موجب هن ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ ٽيهه لک ڳالهائڻ وارا موجود آهن. هيءَ هند-آريائي، انڊو-لک ايراني، انڊو-آريائي، راجسٿاني ٻولين جي مارواڙي نک مان آهي. هن ٻوليءَ جي 78 سيڪڙو مارواڙي سان، 72 سيڪڙو ڌونڌاريءَ سان، 58 سيڪڙو ميواري سان، 45 کان 69 سيڪڙو گودواري سان، 69 کان 76 سيڪڙو باگڙي ٻوليءَ سان لهجاتي ويجهڙائپ آهي. هندستان کان سواءِ پاڪستان جي لاهور، ملتان، سنڌ جي حيدرآباد ۽ دادوءَ واري علائقي جا مارواڙي گهڻوڪري شيخاوتي لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن. هن ٻوليءَ جو 2001ع ۾ ‘گرامر جو ڪتاب’ به ڇپيو آهي. هي اتر راجسٿان جي نيم صحرائي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولي آهي، جيڪا 13784 چورس ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن لهجي جو ذڪر پهريون ڀيرو هڪ ليکڪ بانڪي داس ‘بانڪيداس ڪي خط’ (1813ع) ۾ ڪيو هو. بانڪي داس اصل ۾ انگريز ليکڪ ڪرنل جيمس ٽاڊ جو قلمي نالو آهي. ويدڪ دور ۾ هيءَ ٻولي گهڻو ڦهليل هئي ۽ سرسوتيءَ جي ڪناري وارين بستين ۾ ڳالهائي ويندي هئي. راجسٿان جو سمورو اتر وارو حصو اڳ ۾ ’جهنگل ديس‘ سڏبو هو، جنهن ۾ بيڪانير ۽ ناگور جا علائقا به اچي وڃن ٿا، اتي هي لهجو ڳالهايو ويندو هو. هيءَ ٻولي پاڪستان ۾ اردو خط ۽ هندستان ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو ڪافي سرمايو آهي، جنهن کي هاڻي سنڌ جا ڪي شيخاوتي (مارواڙي) نوجوان سهيڙي رهيا آهن.


لفظ شيخاوتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو