دميلي

دميلي Dameli (ٻولي): هيءَ ٻولي دميل واديءَ جي نالي پويان دميلي سڏجي ٿي. جاگرافيائي طور لور دڙي کان مٿئين حصي ۾ اتر اولهه طرف گواربتي خطي جي واديءَ جي اتر ۾ هيٺين چترال جي ڏاکڻين حصي ۾، دروش تعلقي، ڪنهار نديءَ جي ٻنهي پاسن سميت دميل واديءَ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
هن ٻوليءَ جو لاڳاپو هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ۽ داردي ٻولين جي ڪافرستان واري شاخ سان آهي. کوار، پلولا، گواربتي ٻوليون هن جون پاڙيسري ٻوليون آهن. هنن ٻولين هڪ ٻئي کان لفظ اُڌارا ورتا آهن. افغانستان ۾ ڪجهه قدر هن ٻوليءَ جو واهپو آهي ۽ اهي هن کي ’گڊ‘ سڏين ٿا. هيءَ ٻوليءَ عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي.


لفظ دميليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو