عاملاڻو

عاملاڻو: عاملاڻي جا آثار مول ۽ ملير نديءَ جي سنگم تي (ڪراچيءَ کان ٿاڻي بولاخان ويندڙ پراڻي رستي موجب) ڪراچيءَ کان 27 ميل پري 250 00’ 45’’ ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 670 24’ 15’’ ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. انهن جي دڙن جي اوچائي پنج فوٽ آهي. هتان هڙپا موهن جي دڙي جي تهذيب سان ملندڙ شيون ملن ٿيون. جديد واٽ موجب هي ماڳ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي سپر هاءِ وي تي تقريباً 46 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي انگريزي اکر S جهڙي چاڙهيءَ کان ٿورو اڳ نئن جرندو ۽ نئن مول جي وچ تي ساڄي پاسي آهي. هي ماڳ ڪراچيءَ جي حدن اندر تپو درساڻو ڇنو جي ديهه عاملاڻو ۾ واقع آهي. هاڻي ان دڙي تي نئين دور جون اڏاوتون نظر اچن ٿيون. هي ماڳ چئن کان پنجن ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هتي پٿرن جي پيڙهه واريون اڏاوتون آهن. پڪل مٽيءَ جا ننڍڙا پيڙي نما بال، جن جي ٿولهه اٽڪل ٻه انچ کن ٿيندي، جام پکڙيل نظر اچن ٿا. انهن جي گولائي خاص نوعيت جي آهي. انهن پيڙي نما بالن جي استعمال بابت ڪو به اندازو هڻڻ مشڪل آهي. ڇو ته محققن موجب اهڙا اسم ڪنهن به ٻئي دڙي مان اڃا تائين ڪونه مليا آهن. بهرحال هن دڙي جي سطح تان ٺڪر جون چوڻيون، چقمقي پٿر جون ڇُريون ۽ ٺڪر جا ٽِيڙا ملن ٿا. گوربان ٽڪري هن ماڳ کان روڊ جي ٻئي ڀر 4-5 ڪلوميٽر اولهه پاسي آهي. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن موجب هيءُ ماڳ سنڌو تهذيب جي اؤج واري (mature) دَور جو آهي. هن ماڳ جي اين. جي مجمدار کوٽائي ڪئي هئي، جڏهن ته حاڪم علي شاهه بخاري، بدر ابڙي ۽ ٻين وقت به وقت هن ماڳ جي پڙتال پئي ڪئي آهي.


لفظ عاملاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو