ٺوڙها

ٺوڙها: هڪ ذات جو نالو. ٽالپرن جي هڪ اوڙڪَ سنڌ ۾ (خاص ڪري حيدرآباد ضلعي ۾) رهندڙ آهن. هنن جا وڏا اصل ۾ گنجا هوندا هئا جن جي مٿي تي وار جو ڪو نشان ئي نه هوندو هو. انهي ڪري کين ٺوڙها سڏبو آهي. هنن جا ٻه ڳوٺ، هڪڙو تعلقي مٽيارين جي ديهه ’ٺوڙها‘ ۾ آهي، جنهن ۾ ’شيرمحمد ٺوڙها‘، ’حمزو مجيداڻي‘، ’حاجي شريف خاصخيلي‘ ۽ ’چوٽي ٺوڙها‘ ڳوٺ آباد آهن ۽ ٻيو ڳوٺ تعلقي حيدرآباد جي هڪ ديهه ۾ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’خان ٺوڙهو'>حسين خان ٺوڙهو‘، ’ننگر وساڻ‘ ۽ ’اميد علي ٻوڙاڻا‘. تعلقي مٽياريءَ وارا ٺوڙها ”لتڻين وارا ٺوڙها“ سڏبا آهن.
ٺوڙها“ اصل ۾ ٽالپرن جو هڪ ’پاڙو‘ آهي. هن نالي سان هڪ ڳوٺ ميهڙ ۽ ٻيٽي جتوئيءَ جي وچ تي موجود آهي. هن ڳوٺ ۾ ٺوڙها ۽ دايا ذات جا ماڻهو وڌيڪ تعداد ۾ رهندڙ آهن. هتي پرائمري اسڪول ۽ بجليءَ جي سهوليت موجود آهي.
هڪ ڳوٺ ٺوڙها (جتوئي) نوان جتوئي تعلقي موري ۾ موجود آهي، سماجي ورڪر، شاعر ۽ استاد محمد ادريس جتوئي به اتان جو رهائشي آهي. جتوئي قبيلي سان واسطو رکندڙ هڪ ذات به ٺوڙها سڏجن، جيڪي سرائڪي ڳالهائين ٿا، ان ڪري کين ”سرائي“ به چون ٿا.
ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٺوڙها جا رهواسي ٺوڙها، جتوئين جو پاڙو سڏيندا آهن. اهڙي طرح تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ سرائي لعل بخش جتوئيءَ جا ٺوڙها ۽ گنجا به پاڻ کي جتوئي سڏائين ٿا. سن ضلعي ڄام شوري ۽ هالن ۾ به ڪيترا ٺوڙها ذات جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي کماڻ به سڏائين.


لفظ ٺوڙهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو